خود ياوري

خود ياوري

خود ياوري

خود ياوري (ڪتاب): ’خود ياوريانگريز ليکڪ سمائيل جي ڪتاب ’سيلف هيلپ‘ (1859) جو سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي، جيڪو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ 1901ع ۾ ڪري ڇپايو هو. ڪتاب بابت مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته: ”هن ڪتاب ۾ اها ڄاڻ ڏني وئي آهي ته نوجوانن کي ضرور محنت ڪرڻ گھرجي ۽ محنت سان ئي منزل ملي سگھندي. مصيبتن کان ڊڄڻ نه گھرجي، بلڪ مستقل مزاجيءَ وسيلي انهن تي فتح حاصل ڪرڻ کپي.“ هيءُ ڪتاب مجموعي طور تيرهن بابن تي مشتمل آهي. صفحن جي وڌي وڃڻ سبب مرزا صاحب هن ڪتاب کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي ترجمو ڪرڻ جي رٿ رٿي هئي، جنهن جي پهرئين ڀاڱي طور هيءُ ڪتاب ڪل ڇهن بابن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ڪتاب ۾ ابتدائي ٻه اکر سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي جا لکيل آهن. ڪچي جلد سان، ڪرائون سائيز جي
352 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ساڍا ٽي رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو